اَلَستُ بِرَبِڪُم بابت
معنيٰ
قرآن پاڪ ۾ ستين سورۃ اعراف جي آيت نمبر 172 جو ھي ھڪ حصو آھي، جنھن جو مطلب آھي: ”ڇا مان تنھنجو رب نہ آھيان؟“
“Am I not your Lord?” (This is a part of Al Quran verse of Soorah Aeraf)
بيتن ۽ وائين ۾
- پاٻُوھي ھيڪارَ، مُون کي پُڇِئو سَڄَڻين، اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ، سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- گهيڙُ لَنگِهئو گَهاري، ميثاقا ميھارَ ڏي، اَلَستُ بِرَبِڪُم قالُو بَلیٰ پَرِ اِھائِي پاري، ڏِسِئو ڏيکاري، پِرتِ پِريان جو پيچِرو.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ”اَلَستُ بِرَبِڪُم“ ، جَڏھِن ڪَنِ پِئومِ، ”قالُوا بَلیٰ“ ، قَلبَ سين، تَڏِھِين تِتِ چَيومِ، تَھِين ويرَ ڪِئومِ، وَچَنُ ويڙِهيچَنِ سين.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]